Sindhi Wheat

ڪڻڪ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پوکيو ويندڙ فصل آهي

AGRICULTURE

Gul Munir Channa

1/31/20231 min read

ڪڻڪ

ڪڻڪ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پوکيو ويندڙ فصل آهي,هڪ سروي مطابق پاڪستان جي سراسري پيدوار 28 مڻ في ايڪڙ آھي جيڪا ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ انتهائي گهٽ آھي, جڏهن ته پهرين نمبر تي آئرلينڊ 96 مڻ في ايڪڙ ٻيون نمبر نيوزلينڊ 93 مڻ في ايڪڙ ۽ ٽيون نمبر مالي 90 في ايڪڙ تي ڪڻڪ جي پيداور حاصل ڪندڙ ملڪ آهن

ڪڻڪ جي بهتر پيدوار لاء سڀ کان پهريان زمين جي چونڊ ۽ تياري جو وڏو ڪردار آهي, ترتيب هيٺ ڏجي ٿي

زرخيز زمين جي چونڊ

اونها هر

روٽاويٽر (جئين ڀتري وغيره ختم ٿئي مٽي ڀُرڀُري ٿئي)

زمين جي ليول(جئين هر ٻوٺي کي پاڻي هڪ جيترو ملي)

پوکي جو صحيح وقت (جئين ٻج جو فوٽهڙو سٺو ٿئي)

نج ٻج جي چونڊ ۽ ٻج جو مقدار, (سنهي داڻي وارو ٻج 40 ڪلو في ايڪڙ ۽ موٽي داڻي وارو ٻج 50 ڪلو في ايڪڙ)

بهتر نشونما (کاڌخوراڪ)

ڪڻڪ جي پوکي وقت وڌ ۾ وڌ ٽمپريچر 25 کان30 سينٽي ڊگري هجڻ لازمي آھي انهي ۾ ٻج جو فوٽهڙو بهتر ٿيندو ۽ گهربل ٻوٽن جو تعداد ملي ويندو هڪ ايڪڙ جي سٺي پيداوار لا 12 لک کان 14 لک ٻوٺن جو تعداد هُجڻ انتهائي ضروري هوندو آهي تقريبن هڪ ڪلو نج ٻج مان 30 کان 33 هزار ٻوٺن جو تعداد ملي ويندو آهي

تر ۾ ( 2) ٻوري (میراتھن) في ايڪڙ ۽ ان سان گڏ هيومڪ ايسڊ 8 ڪلو رلائي استعمال ڪجي,ڪڻڪ پوکي کان پوء پهريون پاڻي 17 کان 20 ڏينهن ۾ ڏئي هڪ ٻوري يوريا يا امونيم سلفيٽ سان معياري زنڪ هڪ ٿيلهي رلائي گڏ استعمال ڪجي انهي سان ڪڻڪ جي فوٽهڙي ۾ اضافو ٿيندو

گندگاه نڪرڻ کان پوء ڪنهن سٺي ڪمپني جي دوا استعمال ڪجي, ۽ اهڙي دوا جي چونڊ ڪجي جيڪا ڪڻڪ نه منجهائي

ٻيون پاڻي 40 کان 45 ڏينهن ۾ ڏئي يوريا جي هڪ ٻوري ڇٽجي انهي سان تيلي جي واڌ ٿيندي ۽ڪڻڪ جو سٽو عمل ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو آهي

ٽيون پاڻي 70 کان 80 ڏينهن ۾ ڏيجي انهي وقتڪڻڪ ڍڍي ۾ اچي ويندي آهي انهي عمل دوران ڀاڻ ڏيڻ انتهائي ضروري هوندو آهي انهي وقت يوريا ڏيڻ سان گڏ پوٽاش ڀاڻ جي هڪ ٻوري استعمال ڪجي انهي سان ڪڻڪ جي داڻي جي سائز ۾ اضافو ٿيندو داڻو نهرو وزني ٿيندو آهي ڪڻڪ جي سنگ جي کيري وقت به پاڻي ڏيڻ ضروري هوندو آهي جئين داڻي جي ڀرائي بهتر نموني ٿي سگهي