Mustard in sindhi

سرنھن جي تيل ۾ مختلف خوراڪي جذا ۽ وٽامن ھوندا آھن جنھن ۾ وٽامن ايڇ، وٽامن اي، ڪيلشيم، پروٽين، ۽ اوميگا ٿري شامل آھن

AGRICULTURE

Gul Munir Channa

1/27/20231 min read

سرنھن

سرنھن جي کڙ مال لاءِ انتھائي طاقتور خوراڪ آھي، سرنھن جو تيل انساني جسم لاءِ به ڏاڍو فائديمند آهي

سرنھن جي تيل ۾ مختلف خوراڪي جذا ۽ وٽامن ھوندا آھن جنھن ۾ وٽامن ايڇ، وٽامن اي، ڪيلشيم، پروٽين، ۽ اوميگا ٿري شامل آھن

سرنھن جو تيل خوراڪ پچائڻ، وارن ۽ جسم کي لڳائڻ سان گڏوگڏ ڪاسميٽڪ جي تياري ۾ به استعمال ٿيندو آهي

طبي فائدا

سرنھن جي تيل جو شمار انھن تيلن ۾ ٿيندو آهي جنھن ۾ مونوسوٽريٽڊ چرٻي ھوندي آھي جيڪا ڪوليسٽرول کي گھٽ ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي. جنھن ڪري انسان دل جي بيمارين کان محفوظ رھندو آھي، سرنھن جو تيل اعصاب ھڏن ۽ چيلھ جي سُور جي علاج لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. سرنھن جو تيل وزن گھٽ ڪرڻ ۾ مددگار بڻجندو آهي ھن ۾ ڪيترائي وٽامن ٿيندا آهن جيڪي جسم جي چرٻي پگھرڻ ۾ مدد ڪندا آھن ھي دم ۽ ھڏين جي انفيڪشن جي علاج ۾ به مدد ڪندو آھي سرنھن جي تيل جي ڇاتي تي مالش ڪرڻ سان ڦڦڙن ۾ آڪسيجن جي روانگي ۾ آساني رھندي آھي ماکي سان گڏ ھڪ چانھ وارو چمچو سرنھن جو اٻاريل تيل استعمال ڪرڻ سان دم جي الرجي کان ماڻھو بچيل رھي ٿو. سرنھن جو تيل ڪئنسر جي مريضن لاءِ فائديمند آهي سرنھن جو تيل وارن ۽ چمڙي جي مسئلن کي به حل ڪري ٿو سرنھن جو تيل نفسياتي طور تي به ماڻھو کي فريش رکي ٿو ان سان گڏ سرنھن جي تيل جا ٻيا به اڻ ڳڻيا فائدا آهن جيڪي ھتي نٿا لکي سگھجن ڇو ته ھي گروپ زراعت جو آھي پوءِ به سرنھن جي پوک مان ٿيندڙ اھم طبي فائدن متعلق مٿي ٻڌائي چڪو آهيان.

سرنھن جي پوک جو صحيح وقت

سڄي سنڌ ۾ آڳاٽي پوک 15 سيپٽمبر کان سيپٽمبر جي آخر تائين، مندائتي پوک آڪٽوبر جو سڄو مھينو ۽ پاڇاٽي پوک نومبر ۾ ٿيندي آھي

سرنھن پوکڻ جا طريقا

اسان وٽ سرنھن چئن طريقن سان پوکي ويندي آهي ھڪ وٽ کيڙ ٻيو ڪُر يعني گپ ۾ ٽيون ننڍن کرين تي ڇٽ ڇوٿون طريقو ووئنڻ واري وڏن کرين تي چنگي ذريعي

وٽ کيڙ پوکڻ جو طريقو: ٻه گوبل ڪڍي ليزر ليول ذريعي زمين کي سنوت ۾ آڻي ريج يعني پاڻي ڏنو ويندو آهي جڏهن زمين وٽ ايندي آهي ته ٻج ڇٽي مٿان ٻه ھلڪا ڪلٽي ويٽر جا ھر ڪڍيا ويندا آهن

ڪر يعني گپ ڇٽ: ھن طريقي ۾ زمين کي سڪي جا ھر ڪڍي ڪلٽي ويٽر کانپوءِ پاڻي ڏنو ويندو آهي جڏهن زمين پاڻي جذب ڪري ويندي آهي ته پوءِ سرنھن جو ٻج ڇٽ ڪيو ويندو آهي

ننڍن کرين تي ڇٽ: زمين کي سڪي جا ھر ڪڍي سنوت ۾ آڻي ننڍي بصرن واري کرين تي پاڻي ڏئي گپ ۾ سرنھن ڇٽ ڪئي ويندي آهي

وڏن کرين تي چنگي ذريعي پوک: زمين کي سڪي جا گھرا ھر ڪڍي وڏا کريا 2.5 فٽ ويڪرا تيار ڪجن پوءِ سڪ ۾ سرنھن جي چنگي ھٿ سان لڳائي پاڻي ڏجي يا پاڻي ڏئي ھڪدم سيلاب واري جاءِ تي چنگي لڳائجي. ياد رهي ته چنگي ھڪ فٽ جي مفاصلي تي رکجي. جيڪڏهن زمين وڌيڪَ ڪلر واري ھجي ته پاڻي ڏيڻ کان پوءِ جڏهن زمين وٽ اچي تڏھن رنبي سان چنگي لڳائجي

ڪيميائي ڀاڻ

سرنھن کي پوکي وقت ڪھڙو ڀاڻ ڏجي؟

ھڪ ھيومڪ ايسڊ پيڪٽ ھڪ ڊي اي پي

يا ٻه نائٽروفاس اين پي ھڪ ھيومڪ ايسڊ

يا جيڪڏهن زمين ھلڪي ڪلراٺي آھي ته ٽي کان چار ايس ايس پي

يا ھڪ ايم اي پي ۽ ھڪ پيڪٽ ھيومڪ ايسڊ ڏجي

پھرين پاڻي تي ھڪ ٻوري امونيم نائٽريٽ يا اڌ ٻوري يوريا ۽ 25 ڪلو واري پوٽاش ڏجي

ٻئي پاڻي تي ھڪ ٻوري يوريا ۽ ٽئين پاڻي تي آڳاٽي سرنھن کي اڌ ٻوري يوريا جڏهن ته مندائتي ۽ پاچاٽي پوکيل سرنھن کي ٽئين پاڻي تي ڀاڻ نه ڏجي

ٻج جو مقدار

سرنھن جو ٻج ٻه ڪلو گرام في ايڪڙ استعمال ڪجي پر وڏي کرئي تي چنگي جي صورت ۾ ڏيڍ ڪلو گرام ٻج ڪافي آھي ۽ چنگي کان پوءِ پھرين پاڻي کان اڳ سرنھن جي ڇڊائي ضرور ڪجي. پٽائي ڪرڻ سان اوھان جي پيداوار وڌيڪ ايندي. ھائبرڊ ٻج کان ديسي سرنھن جو ٻج بھتر آھي ھائبرڊ 90% سيڪڙو نقل ملي ٿو جڏهن ته پيداوار به ايتري خاص نٿي اچي ان کان سستو لوڪل ٻج آھي جيڪو اسان جي آبهوا سان به مطابقت به رکي ٿو

ڪامياب پوکي جو طريقو

گذريل سالن ۾ سڀ کان وڌيڪَ ڪامياب پوک وڏي کرئي تي ٿئي ٿي ھن طريقي سان چنگي ذريعي آبادگارن جي سراسري 35 مڻ في ايڪڙ پيداوار حاصل ٿئي ٿي، جڏهن ته روايتي طريقن سان 25 مڻ في ايڪڙ پيداوارحاصل ڪري سگھجي ٿي

mustard field
mustard field